ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اوڀر جي ماڊل ڪورٽ گهر ٻاهران دوست ضامن کي قتل ڪندڙ جوابدار جعفر علي کي جنم ٽيپ ڏئي ڇڏي، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جعفر علي خلاف ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، دليل ٻڌڻ بعد عدالت جوابدار کي جعفر علي کي قتل ڪيس ۾ عمر قيد ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي، عدالت جوابدار تي هڪ لک رپيا ڏنڊ پڻ وڌو ، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو ڪاٽڻي پوندي.