ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪسٽم عدالت شهري جي گهر مان 25 باز کڻڻ واري ڪيس  ۾ ڪسٽمز جي ڊپٽي ڪليڪٽر شفيع الله نيازي ۽ راڻا عظيم کي ثبوت نه ملڻ تان بري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته شڪايت ڪندڙ شهري ڪسٽم عملدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، ڪسٽم آفيسرن جي  وڪيل عابد زمان جو چوڻ هو ته ڪسٽم عملدارن شڪايت ڪندڙ جي گهر تي ڇاپو هڻڻ کان اڳ ليٽر جاري ڪيو هو، جڏهن ته شڪايت ڪندڙ بشير احمد جو چوڻ آهي ته آفيسر 14 آڪٽوبر 2020 تي سندس گهر تي ڇاپو هڻي لائسنس يافته 25 باز، سونا زيور ۽ موبائل فون کڻي ويا،