ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان پراسرار نموني گم ٿيل ڪسٽم جي 2 آفيسرن جو 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پتو نھ پيو، وارث پريشان، ان حوالي سان ايس ايس پي ڏکڻ  جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ٻنهي ڪسٽم آفيسرن جي گمشدگي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، اسان سندن فون رڪارڊ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، جلد معاملو حل ٿي ويندو، واضح رھي ته  ڪسٽم جا 2آفيسر جمعي واري رات جو ڪراچي جي پوش علائقي مان گم ٿي ويا،  سندن فون نمبر پڻ بند آھن.