ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن صفوران گلستان جوهر جي بلاڪ 7 جو فيملي پارڪ راندين جي ڪمرشل سرگرمين لاءِ خانگي اداري گلشن ساڪر کي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيو، علائقي واسين ۽ جماعت اسلامي  جو احتجاج، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن صفوران جي اختيارين گلستان جوهر جي بلاڪ 7 ۾واقع  رحمانيا مسجد واري فيملي پارڪ کي خانگي اداري گلشن ساڪر کي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيو، جتي ڪمرشل بنيادن تي راندين جون سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. پارڪ ڪمرشل مقصد تي ڏيڻ سبب علائقي واسي ۽ ٻارڙا پريشان ٿي ويا آهن. ان حوالي سان ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر امتياز ڀٽو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون چيئرمين پارڪ ڏنو آهي، ان بابت اهو ئي ڪجهه ٻڌائي سگھي ٿو. جڏهن ته ٽائون چيئرمين سان رابطي جي ڪوشش باوجود رابطو نه ٿي سگھيو . هوڏانهن علائقي واسين ۽ جماعت اسلامي پاران پارڪ واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.