ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب سينيئر صحافي سميت وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، 46 متاثرن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو، ان حوالي سان ڪالهه  هيٽ اسٽروڪ سبب ڪراچي جي سينيئر صحافي تنوير بيگ سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ان حوالي سان سول اسپتال ڪراچي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 15 متاثرن کي اسپتال آندو ويو، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ پڻ هيٽ اسٽروڪ جي سٽيل 31  شهرين کي داخل ڪيو ويو.