ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪچرو کڻندڙ اداري سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ شهرين کان ڪچرو کڻڻ جو بل سوئي گيس جي بلن ذريعي اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سالڊ ويسٽ بورڊ اختيارين سوئي سدرن ڪمپني کي ليٽر لکي ڪچرو کڻڻ جو بل گيس بلن ذريعي وصول ڪرڻ لاءِ چيو آهي، واضح رهي ته ڪي ايم سي اڳ ۾ ئي پنهنجا 2 ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي بلن ذريعي اوڳاڙڻ لاءِ لکپڙهه شروع ڪري چڪي آهي