ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پاران اولهه ضلعي ۾ پمپنگ اسٽيشن قائم نه ڪرڻ خلاف ڪالهه واٽر بورڊ جي آفيس آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته پ پ وارن عوام جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ پ پ جي ڪمداري ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي ايم اين اي آفتاب جهانگير، ايم پي اي رابستان خان ۽ ٻين چيو ته واٽر بورڊ جي انتظاميا تازو اخبار ۾ اشتهار ڏنو آهي، جنهن ۾ نيون پمپنگ اسٽيشنز قائم ڪيون پيون وڃن ، انهي اشتهار ۾ اولهه ضلعو شامل ناهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ورڪر پاران هڪ خانگي ٽي وي جي عورت رپورٽر کي مبينا طور هراسان ڪيو ويو، جنهن جي شڪايت تي پوليس پهتي پر جوابدار فرار ٿي ويو.