ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت ۾ فوت ٿيل  نوجوان بابت سيشن ڪورٽ جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 27 ورهين جي امتياز علي جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڊاڪٽرن تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي سيشن ڪورٽ پاران رد ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت ٽراما سينٽر، ڊاڪٽرن، هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 24 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، فوتي نوجوان جي وارثن پنهنجي درخواست ۾ مطالبو ڪيو آهي ته سيشن ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم بحال ڪيو وڃي، هنن چيو ته امتياز علي کي 3 جولاءِ تي ٽراما سينٽر ۾ آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس دماغ جو آپريشن ڪيو،  امتياز علي  مناسب سار سنڀال نه ٿيڻ سبب دم ڏنو، اسان  ڊاڪٽرن جي غفلت تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي، هيلٿ ڪميشن جاچ بعد ڊاڪٽر عادل کتري، ڊاڪٽر عمران جاويد ۽ ٻين تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو، ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ به اسپتال ۾ بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي به نشاندهي ڪئي هئي، بعد ۾ سيشن ڪورٽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، هنن استدعا ڪئي ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري سيشن ڪورٽ جو فيصلو رد ڪيو وڃي.