ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ هڪ هفتو اڳ ختم ٿيل ٽائفائيڊ (مدي جي بخار) واري مهم ۾ 216 جعلي سپروائيزرن شامل هجڻ جو انڪشاف: ٽرانسپورٽ مد ۾  3 ڪروڙ 80 لک رپيا ڦٻائڻ جي ڪوشش، صحت کاتي جي اختيارين ڊي ايڇ او سينٽرل کي هٽائي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڊائريڪٽر صحت جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي  ان حوالي سان مليل ڄاڻ  صحت کاتي سينٽرل جي اختيارين پاران ٽائيفائيڊ مهم ختم ٿيڻ بعد اِي پي آءِ اختيارين کي ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ 216 سپروائيزرن جي ڏنل لسٽ کي صحت کاتي جي اختيارين شڪي قرار ڏئي معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي آهي، جنهن لاءِ  صحت کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ثاقب شيخ ۽ چلڊرن اسپتال ناظم آباد جي سينيئر ڊاڪٽر نديم شيخ تي ٻڌل 2 رُڪني انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، انهي انڪوائري ڪاميٽي سينٽرل جي اڳوڻي ڊي ايچ او ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ۽ هاڻوڪي ڊي ايچ او ڊاڪٽر عبدالصمد راجپوت سميت سپروائيزرن واري لسٽ ۾ شامل ماڻهن کان بيان وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو  آهي، ان حوالي سان انڪوائري ڪاميٽي جي سربراھ ۽ ڊائريڪٽر صحت ڪراچي ڊاڪٽر ثاقب شيخ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ٿي ويندي، هن چيو ته ضلعي سينٽرل ۾ ٽائفائيڊ پروگرام دوران عملي، سپروائيزرن، ٽرانسپورٽ سميت ٻين سمورن معاملن کي انڪوائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. تفصيلي رپورٽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين  حوالي ڪئي ويندي، انڪوائري ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي ايڇ او سينٽرل اِي پي آءِ کي ٽائفائيڊ پروگرام ۾ ڪم ڪندڙ 227 سپروائيزرن جي لسٽ فراهم ڪئي وئي هئي، جن مان 216 سپروائيزرن کي شڪي قرار ڏيندي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هاڻي جاچ ڪئي پئي وڃي ته سپروائيزرن جي لسٽ ۾ ڪيترا جعلي آهن،ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته ِ اڳوڻي ڊي ايڇ او اي پي آءِ اختيارين حوالي ڪيل لسٽ ۾ 227 سپروائيزرن جا نالا ۽ اڪائونٽ نمبر ڏئي  کين ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 3 ڪروڙ 88 لک رپيا جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ذريعن موجب  216 سپروائيزر جعلي هجڻ سبب ڊي ايچ او سينٽرل ڊاڪٽر علي مرتضيٰ کي هٽائي رپورٽ ڪرائڻ بعد سندس جاءِ تي ڊاڪٽر عبدالصمد راجپوت کي ڊي ايڇ او سينٽرل مقرر ڪيو ويو .