ڪراچي:  ورڪس اينڊ سروس کاتي ۾ 17 انجنيئرن جون بدليون ۽ مقرريون

0
275
سنڌ حڪومت جي سروسز کاتي پاران عجب ڪاڪردگي جو غضب مظاهرو
سنڌ حڪومت جي سروسز کاتي پاران عجب ڪاڪردگي جو غضب مظاهرو

ڪراچي:  ورڪس اينڊ سروس کاتي ۾ 17 انجنيئرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن،  ورڪس اينڊ سروس کاتي ۾ 17 انجنيئرن جون بدليون ۽ مقرريون ٿيون، الزامن هيٺ آيل انجنيئر به عهدن تي مقرر ٿيل

صوبائي هاءِ ويز ڊويزن خيرپور جي ايڪسيئن عادل حميد ۽ سکر جي ايڪسيئن زين العابدين کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم

ورڪس اينڊ سروسز جي فش هاربر منصوبي تياعتراض واريندڙ بلڊنگ ڊويزن ٽو جو ايڪسيئين عاصم ابڙو ٺٽو بدلي ٿي ويو

انڪوائرين کي منهن ڏيندڙ صوبائي ڊويزن ڪراچي سرڪل جي سپرينٽنڊنٽ انجنيئر تنوير ڪلوڙ تي اختيارين طرفان نوازش ڪئي وئي آهي

تنوير ڪلوڙ کي ڊزيز ڪنٽرول اسپتال جي پراجيڪٽ جي اضافي چارج به سونپي وئي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل قادر سانگي کي صوبائي هاءِ وي سکر سرڪل جو سپرينٽنڊنٽ انجنيئر مقرر ڪيو ويو

امان الله ميمڻ سکر مان بدلي، ايس اِي سجاول جي خالي پيل عهدي تي مقرر، غلام فريد بلوچ هاءِ وي سرڪل لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي

الله ڏتو پنهيار صوبائي بلڊنگ سرڪل سکر ۾ سپرينٽنڊنٽس انجنيئر مقرر، سعيد پٺاڻ کي ايس اِي شڪارپور مقرر ڪيو ويو

شام لال دوداڻي کي ورڪس اينڊ سروسز ۾ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

سرمد شيخ کي صوبائي هاءِ وي ڊويزن خيرپور ۾ ايڪسيئن مقرر، صوبائي بلڊنگ ڊويزن ون جو ايڪسيئن الطاف خواجا بدلي، اسد الله مقرر ٿي ويو، حمير نثار ٽانوري ايڪسيئن بلڊنگ ڊويزن ٽو ۾ مقرر ٿي ويو

 جاويد ڪلهوڙو صوبائي هاءِ وي ڊويزن نوشهروفيروز جي خالي عهدي تي مقرر ٿي ويو، آفتاب ابڙو کي صوبائي هاءِ ويز ڊويزن سکر ۾ ايڪسيئن مقرر ڪيو ويو