ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  فل راموس  جي اڳواڻي ۾ 32 رڪني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ نيو يارڪ  کي سسٽر سٽي قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.  ملاقات ۾ سنڌ ۾ نرسنگ ڪاليج قائم ڪرڻ يا ان کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ان کي عالمي شهرت جي اداري جو درجو ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو  ويو ته اي اي پي اي سي نرسنگ ڪاليجن جي پروفيشنلزم کي وڌائڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. ملاقات ۾ تعليم کي بهتر بڻائڻ، واپاري وفدن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن جي وفدن جي مٽا سٽا تي اتفاق ڪيو ويو ، ٻئي طرف سنڌ جي تعليم کاتي نيويارڪ جي تعليمي ادارن سان آن لائين ڪوآرڊينيشن پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه تعليم واري وزير سردار شاھ سان نيويارڪ جي وفد الڳ ملاقات ڪئي، صوبائي وزير سردار شاھ سنڌ ۾ تعليمي چيلينجز بابت آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ جي تعليمي ترقي ۾ آمريڪي عوام جو سهڪار رهيو آهي، سنڌ ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار سان 108 اسڪولن جون اسٽيٽ آف دي آرٽ عمارتون ٺاهيون ويون،  هڪ ٻئي کان سکڻ لاءِ ورچوئل نظام تحت سهڪار کي وڌائي سگھجي ٿو، وفد پاران اتفاق ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول نيويارڪ جي اسڪولن سان ورچوئل رابطو قائم ڪندا.