ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار کي مفت ۾ ٽشو پيپر وٺڻ مهانگو پئجي ويو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد معطل، ڪورنگي جي سعود آباد واري علائقي ۾ پوليس اهلڪار قيصر دڪاندار کان ٽشو پيپر ورتا پر پئسا نه ڏنا، اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ اهلڪار دڪاندار کي چئي رهيو آهي ته آئون ٽشو پيپر محبت ۾ کڻي وڃان ٿو، ايس پي شاهه فيصل ڪالوني وڊيو جو نوٽيس وٺي اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو