ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي، فقير سليم، حبيب جمالي ۽ نظير ميمڻ) ڪراچي جي مختلف تڪن تي جهيڙا: فائرنگ: بيلٽ پيپر ڦرڻ ۽ بيلٽ باڪس ڀڃڻ جا الزام، 6 ڪارڪن زخمي، ان ڏس ۾ پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي  عزيز آباد واري علائقي ۾ دستگير گرلز اسڪول ۾ حملو  ڪري بيلٽ باڪس ٽوڙيا ويا، جڏهن ته مومن آباد واري تڪ پي ايس 119 جي روز گرامر اسڪول ۾ جهيڙي ۽ بيلٽ پيپر ڦرڻ جو واقعو پيش آيو،  شهر جي پي ايس 121 تي بوگس ووٽنگ کان روڪڻ تان ٿيل جهيڙي ۾تحريڪ لبيڪ جا 6 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، هوڏانهن سرجاڻي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ايل ون تي 2 سياسي تنظيمن جي حامين ۾ فائرنگ ٿي، هٿياربندن  بيلٽ باڪس ٽوڙي ڇڏيا، پوليس پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري سرزمين تان 30 خول هٿ ڪيا، جڏهن ته لانڍي ۾اين اي 233 تڪ تي جي پولنگ ۾ هٿاربندن داخل ٿي بيلٽ باڪس ٽوڙي ڇڏيا، هوڏانهن متحده اميدوار ارشد ووهره جي تڪ ۾ پڻ  هنگامو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ پڻ ڪئي وئي، ٻئي طرف جماعت اسلامي  موجب بلديه جي جنگل اسڪول ۾ اڳوڻي ٽائون ناظم جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرايا، جڏهن ته ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 240 تي جعلي بيلٽ باڪس پڪڙيو ويو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ  جعلي بيلٽ پيپر پيل هئا، شاهه فيصل ۽ ناظم آباد ۾ پولنگ ختم ٿيندي ئي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ووٽرن ۽ پولنگ ايجنٽن ۾ هراس پکڙجي ويو،