ڪراچي مان مبينا کنڀي گم ڪيل قاضي احمد واسي ٻن نوجوانن جو ڏس نه پتو

0
200

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ رمضان ڪليار واسي ٻن نوجوانن کي ڪراچي ڀٽائي آباد ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل شھمير ڪليار ۽ الاھي بخش ڪليار ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پتو پئجي ناهي سگهيو، ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آھي ته ڏھ پوليس موبائل ۾ سوار ٿي آيل وڏي انگ ۾ اهلڪار گهرن ۾ داخل ٿي ننڊ ستل نوجوانن کي زوري کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري بيگناھ گرفتار ڪيل نوجوانن کي ڦل فرائي ڪيو ويندو.