ڪراچي: قرنطينه مان فرار ٿيل اومي ڪرون متاثر پڪڙجي پيو، اسپتال منتقل

0
316
اومي ڪرون متاثر پڪڙجي پيو
ڪراچي: قرنطينه مان فرار ٿيل اومي ڪرون متاثر پڪڙجي پيو، اسپتال منتقل

ڪراچي:  قرنطينه مان فرار ٿيل ڪورونا وائرس جي ويريئنٽ اومي ڪرون جي متاثر مريض کي پڪڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

متاثر شخص جڏهن پاسپورٽ لاءِ رابطو ڪيو ته صحت کاتي جا عملدار سندس ائڊريس معلوم ڪرڻ بعد پهچي ويا ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو. قرنطينه مان فرار ٿيندڙ شخص ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي هئي ۽ مريض هڪ خانگي هوٽل ۾ قرنطينه کان فرار ٿي ويو هو

کارادر  ۾ سندس گھر کي به تالو لڳل هو. ٻيهر گرفتاري بعد مريض کي سنڌ گورنمينٽ قطر اسپتال اورنگي ٽائون ۾ قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، مريض جا ٻيهر ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ به هڪ خانگي هوٽل جي قرنطينه مان ڪورونا متاثر 38 ڄڻا فرار ٿي ويا هئا

ھي بھ پڙھندا

ڪراچي ۾ اومي ڪرون جو ٻيون ڪيس، مريض قرنطينه مان فرار