ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب آڏو بلوچ عورتن ۽ مردن گڏيل عرب امارتن مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل  نوجوان راشد حسين جي آزادي لاءِ ڪالهه مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي والده بس خاتون،  آمنه بلوچ ۽ ٻين چيو ته 26 ڊسمبر 2018ع  تي گڏيل عرب اماراتن مان نوجوان راشد بلوچ کي کنڀي گم ڪيو ويو هو، بعد ۾ پتو پيو ته کيس جبري طور تي پاڪستان موڪليو ويو آهي، هن وقت تائين کيس ظاهر نٿو ڪيو وڃي،  هنن مطالبو ڪيو ته ٽن سالن کان کنڀي گم ڪيل نوجوان راشد بلوچ کي بازياب ڪرايو وڃي