ڪراچي: طارق روڊ تي آپريشن، 10 دڪان ڊاهي پٽ

0
244
ڪراچي: طارق روڊ تي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي طارق روڊ تي پارڪ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي طارق روڊ تي مدينه مسجد جي پويان دلڪشا پارڪ جي زمين تي قائم 10 دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن

 پارڪ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد، اينٽي انڪروچمينٽ، رينجرز ۽ پوليس پڻ موجود هئي

اختيارين موجب دڪان غير قانوني طور قائم ڪيا ويا هئا جيڪي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊاهي پٽ ڪيا ويا، آپريشن دوران ڪنهن به قسم جي مزاحمت ناهي ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته طارق روڊ ڀرسان پارڪ کي بحال ڪيو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ هڪ هفتي اندر پارڪ بحال ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو