ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سمنڊ  ڪناري گھوڙي جي مالڪ طرفان  پرڏيهي سياح کان گھوڙي سواري جا وڌيڪ پئسا وٺڻ ۽ ساڻس بدتميزي ڪرڻ جي وڊيو وائرل، پوليس گھوڙي جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو، معافي وٺي جان ڇڏائي. ان ڏس ۾ 8 مارچ تي آسٽريلين سياح لڪ ڊامنٽ سمنڊ ڪناري گھوڙي سواري ڪئي. گھوڙي جي مالڪ پهرين 3 سو رپيا چيا، سواري ڪرائڻ بعد سياح کان 3000 طلب ڪيا، وڌيڪ پئسا نه ڏيڻ تي گھوڙي جي مالڪ غيرملڪي سياح سان بدتميزي ڪئي. آسٽريلين سياح اها وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏي. پوليس گھوڙي مالڪ زبير  کي گرفتار ڪري ورتو،  معافي تي سياح کيس معاف ڪري ڇڏيو.