ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  سخي حسن پل جي آخر  ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڀتيون اڏڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار موجب ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت ۾ غلط بياني ڪئي هئي، ڪي ايم سي جي وڪيل موجب انهي معاملي تي اڳ ۾  ئي فيصلو ٿي چڪو آهي، اهو ڪيس ٻيو  هو، هن چيو ته  سخي حسن پل جي پڄاڻي تي اقبال ڳوٺ ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ديوار ٺاهي پئي وڃي، جنهن سان ويجهن دڪانن کي نقصان ٿيندو. ڀت اڏجڻ سان  ڪروڙ رپين جو ڪاروبار بند ٿي ويندو، اسانکي پل تي اعتراض ناهي پر  ڀت نه ٺاهي وڃي.