ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار  منان عرف بنگالي کي 4 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جوابدار تي هڪ لک رپين جو ڏنڊ به وجهي ڇڏيو، عدالت شڪ جو فائدو ڏيندو ٻن جوابدارن آصف ۽ يوسف کي بري ڪري ڇڏيو، سرڪاري وڪيل موجب جوابدار منان بنگالي 2017ع ۾ پنهنجي زال ۽ 3معصوم ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، مقتوله رابعه جي جوابدار منان سان ٻي شادي ٿي هئي، پوليس موجب منان بنگالي خلاف مقتوله جي والد جي فرياد تي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.