ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلستان جوهر ٿاڻي ۾ وڪيلن جو هنگامو، لاٺي چارج، پوليس اهلڪار ۽ وڪيل زخمي، پوليس موجب هڪ وڪيل ايس ايچ او جي روم ۾ بنا اجازت داخل ٿيو،  کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ويو ته هن بدتميزي ڪئي،  بعد ۾ پنهنجن ٻين ساٿين کي گهرائي ٿاڻي تي حملو ڪيو ويو پوليس موجب وڪيل ٿاڻي ۾ زبردستي داخل ٿيا، جنهن تي پوليس لاٺي چارج ڪئي، وڪيلن به پوليس تي لٺيون وسايون، جهيڙي دوران هڪ اهلڪار ۽ هڪ وڪيل زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس جا سينيئر آفيسر ٿاڻي تي پهتا. ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر فرخ ملڪ موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي