ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جعلي گرائپ واٽر، گلوڪوز ۽ بام ٺاهيندڙ جعلي فيڪٽري تي ڇاپو، 5 جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ کارادر پوليس صرافه بازار ۾ جعلي فيڪٽري تي ڇاپو هنيو. پوليس موجب ڪارروائي دوران جعلي گرائپ واٽر جا 44 ڪارٽون، گلوڪوز جو هڪ ڪارٽون ۽ بام جا 8 ڪارٽون هٿ ڪيا ويا. پوليس موجب 5 جوابدارن فاروق، شاهه محمد شاهه، غلام حسين شاهه، حسن شاهه ۽ مراد شاھ  کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  جوابدار شهر ۾ جعلي گرائپ واٽر، گلوڪوز ۽ بام سپلاءِ ڪندا هئا،