ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شپنگ واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته وفاق سنڌ حڪومت کي ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين فراهم ڪري رهي آهي، پنجاب حڪومت پاڻ ويڪسين خريد ڪري پئي، سنڌ حڪومت کي به ويڪسين خريد ڪرڻ گهرجي، اين سي او سي ڪنهن به صوبي کي ويڪسين خريدڻ کان ناهي روڪيو، سنڌ سرڪار 80 سالن کان وڏي ڄمار وارن بزرگن جي گهر ويٺي ويڪسين لڳائڻ وارو بهترين فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه خالق ڏنو هال ۾ قائم ٿيل ويڪسينيشن سينٽر جي دوري دوران هن چيو ته مجموعي طور سنڌ حڪومت به سٺو ڪم ڪري رهي آهي، ڀارت ۾ ڪورونا جي صورتحال تمام خراب آهي، اسان وٽ هندستان جي ڀيٽ ۾ صورتحال بهتر آهي، مون به اين سي اوسي کان سمنڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪ ورڪرن لاءِ هڪ لک ويڪسين گهري آهي، اين سي او سي جي فيصلي ۾ ڪنهن به صوبي کي ويڪسين خريدڻ کان روڪيو ناهي ويو، صوبا پنهنجي ويڪسين خريد ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب ۽ ميڊيا جو شهر آهي، هر ڳالهه رپورٽ ٿئي ٿي، هن چيو ته اين اي 249 تي ٻيهر ڳڻپ ته ڪئي وئي پر بيلٽ باڪس اڳ ۾ کليل هئا، هن چيو ته جن ( سنڌ حڪومت) جي هٿ ۾ سڀ ڪجهه هو، ا انهن مرضي جا نتيجا آندا.