ڪراچي (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق اڄ کان ڪراچي تائين ريل هلڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، ريلوي وزير چيو ته 2 آڪٽوبر کان مرحليوار ٽرين سورس بحال  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، خيبر ميل ۽ رحمان بابا ايڪسپريس اڄ کان ڪراچي تائين هلايون وينديون، 5 آڪٽوبر کان قراقرم، ڪراچي ۽ پاڪ بزنس ايڪسپريس ٽرينون به هلنديون.