ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد مان بازياب ڪرايل 3 ڀينرن سميت 5 نارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پنجن ئي نارين 164 جا بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته کين ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، انهن گهر وارن جي دڙڪن سبب گهر ڇڏيو هو، هاڻ اسان پنهنجي گهر واپس وڃڻ چاهيون ٿيون، عدالت نارين  جي بيان بعد گرفتار ٿيل 2 جوابدارن ممتاز علي ۽ محمد راشد کي آزاد ڪري 5 نارين کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته پنج ئي ڇوڪريون گذريل مهيني سعيد آباد مان گم ٿي ويون هيون، واقعي جو ڪيس سعيد آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، هوڏانهن گرفتار جوابدار ممتاز علي جو چوڻ هو ته اسان فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هئاسين جتي   ڇوڪريون به ڪم ڪرڻ لاءِ اينديون هيون، ڇوڪرين هڪ گهر مسواڙ تي ورتو هو، جتي اهي رهنديون هيون.