ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي  تيزي:  100  انڊيڪس سال 2022ع جي بلند سطح  تي پهتي، ان ڏس  ۾  ڪاروباري  هفتي جي ٻئي ڏهاڙي  جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس ۾ 150 پوائنٽن جي لاٿ ٿي،  جڏهن ته ڏينهن جي پڄاڻي تي سيڙپڪارن پاران شيئرز جي خريداري ڪرڻ سبب 100 انڊيڪس 262 پوائنٽن جي واڌ سان  46407 پوائنٽن تي بند ٿي، بندش کان اڳ 100 انڊيڪس  564 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهي، سيڙپڪارن  موجب  3 ڪاروباري  ڏهاڙن دوران  انڊيڪس ۾ 2620 پوائنٽن جو  واڌارو ٿيو، جڏهن ته سيڙپڪارن 357 اربن جو نفعو ڪمايو