ڪراچي آرٽس ڪائونسل ٻاهران پ پ ۽ جماعت اسلامي ڪارڪنن ۾ جهيڙو

0
307
ڪراچي آرٽس ڪائونسل ٻاهران پ پ ۽ جماعت اسلامي ڪارڪنن ۾ جهيڙو
ڪراچي آرٽس ڪائونسل ٻاهران پ پ ۽ جماعت اسلامي ڪارڪنن ۾ جهيڙو

ڪراچي: ميئر جي چونڊ جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل ٻاهران پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪيو ويو، ڪارڪنن پاران هڪٻئي تي لٺين جو وسڪارو پڻ لاتو ويو

جهيڙي جي موقعي تي پوليس ۽ رينجرز تي به پٿراءُ ڪيو ويو، پوليس لٺبازي ۽ گرفتاريون ڪري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو

آرٹس کونسل کے اطراف پولیس اور رینجرز کی بھاری نفری موجود ہے، فوٹو: ٹوئٹر

 جماعت اسلامي جي ميئر لاءِ اميدوار حافظ نعيم پولنگ تي اعتراض واريندي چيو آهي ته 30 کان وڌيڪ ميمبرز کي گم ڪيو ويو آهي

 پهرين 30 ميمبرز کي پيش ڪيو وڃي پوءِ پولنگ ڪرائي وڃي، حافظ نعيم جي پولنگ عمل تي اعتراض وارڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

هي به پڙهندا

مرتضيٰ وهاب 173ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو: ذريعا