ڪجهه ماڻهو اقتدار جي لاءِ اتحاد ٺاهين ٿا پر اسان جي لاءِ عوام ئي ڪافي آهي: آصف زرداري

0
144
آصف زرداري طرفان ڪي پي ۾ اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان اليڪشن اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت
آصف زرداري طرفان ڪي پي ۾ اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان اليڪشن اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اقتدار جي لاءِ اتحاد ٺاهين ٿا پر اسان جي لاءِ عوام ئي ڪافي آهي، پيپلزپارٽي جي خلاف ماضي ۾ به اتحاد ٺاهيا ويا، اهڙن اتحادن جي ڪا به پرواهه ناهي

آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي، اسان پاڪستان کي بچائينداسين، معيشت کي بهتر ڪنداسين

پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري ٿر جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو شاندار استقبال ڪري ٿر جي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

هن چيو ته عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سمنڊ جي ڪنڌين کان خيبر پختونخواهه تائين ڪاميابي ماڻيندي، آصف زرداري ٿر ۾ عظيم جلسو ڪرڻ تي جيالن جي واکاڻ ڪئي