ممبئي(شوبز نيوز)باليووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪترينا ڪيف جي اداڪار وڪي ڪوشل سان شادي جون خبرون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن سلمان خان تي دلچسپ ميمز جي ڀرمار ڪري ڇڏي آهي.مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وڪي ڪترينا جي شادي ٽرينڊنگ ۾ آهي.اتي سلمان خان جي مداحن طرفان ڪيترائي ميمز ٺاهيا ويا آهن جن تي هڪ نظر وجهجي ٿي.واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪترينا ڪيف ڊسمبر 9 تي راجسٿان جي هڪ فورٽ ۾ اداڪار وڪي ڪوشل سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجي ويندي.