ڪاڇو (رپورٽ: آصف جمالي) ڪاڇي جي ڳوٺ مسو جمالي ۾  اسڪول بند هجڻ جو  تعليم کاتي سنڌ جي وزير سردار شاهه نوٽيس وٺندي ڊي اي او پرائمري کان رپورٽ گھري ورتي، ڊي اي او دادو لياقت نائچ  بند پيل اسڪول وزٽ ڪرڻ بدران آفيس ۾ ويهي رپورٽ ٺاهي صوبائي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي، ڊي اي او پرائمري  دادو رپورٽ ۾ چيو ته ڳوٺ مسو جمالي ۾ هڪ اين جي او پاران اسڪول هلايو پئي ويو، اين جي اوز ئي بند ٿي وئي آهي،  ڊي اي او پرائمري پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته  ڳوٺ ۾ ٽي کان چار گهر آهن، پرائمري اسڪول فضل جمالي ۽ پريو جمالي ويجها آهن، ٻار انهن اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، ڊي اي او پرائمري جي اهڙي رپورٽ تي ڳوٺاڻن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڊي اي او جي رپورٽ ڪوڙي آهي، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ جي نوثيس تي ڊي اي او پرائمري  اسان وٽ لڙي نه آيو ۽ نه ئي اسڪول جو جائزو ورتو، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪيترائي سال اڳ پرائمري اسڪول جي  بلڊنگ منظور ٿي پر اڄ ڏينهن تائين ڪو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي ۽ چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون پر اسڪول کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، اسڪول نه هجڻ ڪري 50 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم کان محروم آهن ، ڳوٺاڻن صوبائي وزير سردار شاھ کي اپيل ڪئي ته ڊي اي او پرائمري لياقت نائڇ جي رپورٽ جو نوثيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول کوليو وڃي.