فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڪاڇي  ۾ کير ٿر جبلن جي پھاڙن جي وچ ۾  سنڌ بلوچستان جي سرحدي علائقي ويجهو قائم تاريخي درگاهه شاهه گودڙيو جو ساليانو عرس جاري آهي، جڏهن ته 3 ڏينهن جو ميلو به لڳايو ويو آهي . ميلي ۾ مڃار، رانديڪن، مٺاين ۽  بڪ اسٽال سميت سڀني دڪانن کي رنگ به ر نگي گلن سان خوب تر سجايو ويو. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب ميلي ۾ ايندڙ ماڻهن پاران تمام گهٽ خريداري ڪرڻ جون پڻ دڪاندارن پاران دانھون ڪيون ويو آهن. زائرين دانهيو ته ميلي وارا 300 ڪلو واري مٺائي 6 سئو روپيه، 5 سئو ڪلو واري ڪشمش 1000 روپيه طور وڪڻي رھيا آھن ٻي طرف سنڌ بلوچستان صوبي سميت مختلف علائقن مان آيل ھزارين زائرين ۽ عقيدتمندن مزار تي حاضري ڀري عقيدت ۽ محبت جا نظرانا پيش ڪيا.