لاڙڪاڻو/ شڪارپور (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر، بورڊ مافيا توڙي پراڻي نصاب ۽ چوري دروازي کان ٻين صوبن ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ غيرقانوني طريقي سان داخلائون وٺي سنڌ جي نوجوانن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ خلاف آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اينڊ آل ٽيچرس سنڌ جي سڏ تي نوجوان استادن طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پيادل مارچ شروع ڪيو ويو آهي. پيادل مارچ پهرين ڏينهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان ٿيندو لاڙڪاڻي شهر پهتو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوان استادن استاد ڪامران جمالي، زاھد کوسو، بدرالدين  ڳورڙ، نالي مٺو بلوچ، شفيق چانڊيو، اياز کوکر، سھيل راھوجو، راشد شيخ، محمد صلاح مھر، عبدالسميع ڀيو، عبدالرحمٰن راڄپر ۽ ٻين چيو ته هڪ طرف سنڌ حڪومت وڏي پئماني تي ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪري تعليمي نظام جي رڳن ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ ڪاپي جو  نظام اڃا تائين جيئن جو تيئن جاري آهي. هنن چيو ته نوجوان استاد پنهنجي بهترين مهارتن سان اسڪولن ۾ سڄو سال محنت ۽ ايماندري سان پڙهائين ٿا پر جڏهن امتحانن جو وقت اچي ٿو ته سينٽرن ۾ سرعام ڪاپي هلي ٿي ۽ سڄو سال غيرحاضر رهندڙ شاگرد اي ون گريڊ حاصل ڪري ٿا وڃن، ٻئي طرف بورڊ انتظاميه پئسن عيوض مارڪون وڪرو ڪن ٿيون جيڪا نه صرف محنتي شاگردن سان ناانصافي آهي پر استادن جي ڪيل محنت جي تزليل پڻ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته بورڊ جي امتحانن ۾ سرعام ڪاپي هجڻ سبب ٻين صوبن جا شاگرد هتي اچي داخلا وٺن ٿا ۽ صرف امتحانن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ اچي ڪاپي ڪري پيپر پاس ڪن ٿا ۽ اڳتي هلي سنڌ جو ڊوميسائل ٺهرائي نوڪريون وٺي وڃن ٿا جيڪا سنڌ جي شاگردن سان سراسر ناانصافي آهي، اهڙين ناانصافين خلاف اسان ڳڙهي خدابخش کان ڀٽ شاهه تائين پيادل لانگ مارچ ڪري سنڌ حڪومت کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪاپي هڪ ڪلچر بڻجي چڪو آهي ان ڪلچر کي فوري طور ختم ڪري سنڌ ۾ نئون امتحاني نظام لاڳو ڪيو وڃي ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪري پراڻي نصاب تي نظرثاني ڪئي وڃي  ڇاڪاڻ ته موجوده نصاب موجوده مسئلن، ترقي، ٻار ۾ سوچ ويچار ۽ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ کان قاصر آهي ان ڪري اسان مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ ڪاپي جي پاڙ پٽي جديد نصاب لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ صوبو تعليمي حوالي سان اڳڀرو ٿئي. هوڏانهن پيادل مارچ لاڙڪاڻي کان ٿيندو خيرپور ضلعي جي ٽنڊو مستي تان نيشنل هاءِ وي ذريعي ڀٽ شاهه لاءِ روانو ٿي ويو آهي.