ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون : ان ڏس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري صدف انيس موڪل تي رواني ٿي وئي آهي، جنهن بعد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سيڪريٽري آصف اڪرام کي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نور احمد سمون کي سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي مقرر ڪيو ويو آهي، زراعت کاتي جي ماتحت اداري  بيورو آف سپلاءِ جي ڊائريڪٽر جنرل معمر سالڪ مرزا کي بدلي ڪري صوبائي محتسب ۾ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.