ڏک، پيڙا، مجبوري، بيوسي، ڊپ ۽ دھشت جي وچ ۾ فرق کي واضح ڪري ڇڏيندڙ ويب سيريز جنهن جو نالو آھي ڪالاپاني ، ھا اھو ڪارو پاڻي جتي ڪڏھن برطانوي سامراج خلاف جنگ جوٽيندڙ باغين کي قيد رکيو ويندو ھو. پر ھي ڪهاڻي جديد ڪاري پاڻي جي آھي جتي ماڻهو بنا ڏوھه جي سزا ڀوڳي رھيا آھن، موت جي سزا.

ھيءَ سيريز به ڪاري پاڻيءَ جي ٻيٽن جي چوڌاري ڦري ٿي، بدنام زمانه انڊمان( ڪارو پاڻي) ٻيٽ ڀارت ۾ شامل آھي جتي ڪجهه حصن ۾ قديم اوراڪا قبيلي جا ماڻهو آباد آھن جيڪي نه حڪومت کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڏين ٿا نه ئي ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپو رکڻ چاھين ٿا، ھو پنهنجي ڌرتي جا محافظ آھن ۽ ڌاري لوڌ جي قابض سوچ خلاف ويڙھاند ڪن ٿا،  جڏھن ته ڪجهه ٻيٽن تي جديد دنيا آباد آھي جيڪا لوڀ لالچ سان ڀري پئي آھي.

سيريز جي ڪهاڻي سال ٻه ھزار ستاويهه کان پورٽ بليئر ٻيٽ کان شروع ٿئي ٿي، اتي ھڪ فيسٽيول ٿي رھيو آھي جتي ڏيهه توڻي پرڏيهه جي سياحن جو وڏو انگ  پهچي ٿو.

فيسٽيول جا انتظام سنڀاليندڙ ھڪ ملٽي نيشنل ڪمپني آھي، جيڪا مختلف پروجيڪٽس ذريعي اتان جي مقامي ماڻهن کي زندگي بدلائڻ جا خواب ڏيکاري رھي آھي، سيريز انساني سڃاڻ، ماحولياتي استحصال، سياسي بدعنواني ۽ مقامي ماڻهن جي فطرت سان ويجهڙائيءَ جهڙن موضوعن سان گڏگڏ اڳتي وڌي ٿي پر اوچتو انهن ٻيٽن تي پاڻي ذريعي ھڪ اھڙي وبا پکڙجي وڃي ٿي جيڪا ھوريان ھوريان انساني زندگيون ڳڙڪائڻ لڳي ٿي.

بيماري بنهه ڪووڊ جهڙي ئي آھي، متاثرن کي ساڳيا احتياطي اپاءَ وٺڻا آھن پر ان جي شدت ڪورونا کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڏيکاري وئي آھي.

ماھر ڊاڪٽرن جون ٽيمون وبا جو علاج ڳولڻ ۾ رڌل آھن، ان دوران کين پتو پئي ٿو ته ٻيٽ تي رھندڙ اوراڪا قبيلي جي ماڻهن تي وبا جو ڪو به اثر نٿو ٿئي ۽ وٽن ان بيماري کان بچاءَ جو حل به آھي.

ان دوران فيسٽيول ڪرائيندڙ ڪمپني “ايٽم” وبا سبب ٿيندڙ نقصانن کي نظرانداز ڪندي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آھي، ايٽم ڪمپني ائين آھي جيئن پاڻ وٽ ڊي ايڇ اي، بحريه ٽائون، ايف ايف سي جهڙيون ڪمپنيون، جيڪي مقامي ماڻهن کي روشن آئيندي جا خواب ڏيکاري سندن زندگيون اونداهين جي ور چاڙهي ڇڏين ٿيون.

سيريز ۾ سموري ڪاسٽ جو ڪم انتهائي جاندار ۽ پر اثر آھي، ڊاڪٽر سنگهه، ٽئڪسي ڊرائيور چيرو، سنتوش سالوا ھڪ مجبور پيءَ جي روپ ۾ جنهن نموني پنهنجي احساسن کي اظهاريو آھي اھي منظر سخت کان سخت دل رکندڙ ماڻهو جي من کي به ميڻ بڻائي سگهن ٿا.

اڄڪلهه فلمن ۾ اھڙي قسم جي اداڪاري گهٽ ئي ڏسڻ لاءِ ملندي آھي.

سيريز ۾ ڏسندڙن کي پريم ڪهاڻي به ملندي، احساساتي ۽ جذباتي منظر به ملندا خاص طور ڪهاڻي جو آخري حصو اوھان کي ڇرڪائي ڇڏيندو ۽ اوھان جا سڀ اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿي وينديون .

پنچائت جهڙي شاندار سيريز جي ھدايتڪار سمير سڪسينا سيريز جو ڊائريڪٽر آھي ۽ سيريز جي ڪهاڻي لکي آھي بسواپتي سرڪار، سيريز ۾

خوبصورت ٻيٽ، منظر نگاري، مضبوط پلاٽ، تحقيق سان ڀرپور، جاندار اداڪاريءَ ڏسندڙن کي موھڻ لاءِ ڪافي آھي.

سٺي مواد جي متلاشي دوستن لاءِ ڪارو پاڻي ھڪ اھڙي سيريز آھي جيڪا ھن ٻهروپئي سماج جا پول پڌرا ڪري ٿي…(فيس بوڪ تان ورتل)