پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان چيو آهي ته شڪست کانپوءِ اسان تنقيد جا حقدار آهيون ڇو ته اسان قوم جي اميدن تي پورو نه لهي سگهياسين. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ تنقيد لاءِ تيار آهيان، جيڪي تنقيد برادشت نٿا ڪري سگهن اِهي ڪامياب به نٿي سگهندا. هن چيو ته جڏهن ٽيم هارائيندي آهي ته اِهو نٿو چئي سگهجي ته بيٽنگ ۽ بالنگ مضبوط هئي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اسان کي به مايوسي ٿي، جڏهن ٽيم هارائيندي آهي ته هڪ سبب ناهي هوندو، ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ جو سبب کوڙ ساريون ڪمزوريون هونديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ تعصب جون ڳالهيون غلط آهن، سڀ سبزي پرچم لاءِ کيڏي رهيا آهن، ٽيم ۾ ڪهڙي رانديگر کي رکڻو آهي ۽ ڪنهن نه اِهو فيصلو پي سي بي چيئرمين جو حق آهي.