مٺي: ٿر سجاڳ سٿ پاران ڪوٺايل ڪارونجهر ڪانفرنس ۾ مختلف قرار دادون پيش ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪارونجهر  کي نيشنل هيريٽيج جو درجو ڏيارڻ لاءِ يونيسڪو کي لکيو وڃي، ليزون رد ڪيو وڃن ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي، ڪارونجهر ۾ گگرال توڙي ناياب نسل وڻن جي واڍي تي پابندي لڳائي وڃي، ڪارونجهر ۾ ناياب نسل جي جانورن توڙي پکين جي شڪار تي پابندي لڳائي وڃي، ڪارونجهر مان نڪرندڙ چائنا ڪلي جي رائلٽي جي مد ۾ سٺا اسڪول، اسپتالون کوليون وڃن،ڪارونجهر تي چيئر لفٽ لڳائي وڃي، ڪارونجهر ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي ننڍن ڪاروبارن، هوٽلن بابت ٽريننگ ڏني وڃي، ڪارونجهر جي تاريخي ماڳن، تيرٿ آستانن ۽ گمنام جاين بابت مواد ڇپايو وڃي.