مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو ) مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪوٺايل ڪانفرس ۾ سياسي سماجي  ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪارونجهر جي نيلامي  جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪارونجهر جون ليزون رد ڪرائي پٿر جي ڪٽائي بند ڪرائڻ لاءِ روز جي بنياد تي احتجاج جاري رکڻ ۽ مزاحمتي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پارڪر هال مٺي تي ڪوٺايل “ڪارونجهر” ڪانفرنس کي  امير آزاد پنهور، ڪرشن شرما، اوڀايو جوڻيجو، گهنشام مالهي، ارباب ڀيل، خالد ڪنڀار، الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو، نيلم ڪماري، رمضان دل، سومار راهمون، لطيف اياز، صحافي ممتاز نهڙيو، غازي بجير، شمس مڱريو، ارشاد ڪنڀار، سالم سميجو، الماس نهڙيو،دستگير ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جي پٿر جون ليزون جاري ڪري قومي ورثي جي قتلام جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي، هنن چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي اڄ به جاري آهي، اهڙي عمل خلاف سمورو ٿر سراپا احتجاج بڻيل آھي پر حڪمران دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته ڪارونجهر رڳو پٿر جو ٽڪرو نه پر قومي ورثو ۽ تاريخ جو مزاحمتي مورچو هجڻ سان گڏ فطرت ۽ جهنگلي جيوت جو آمجگاهه توڙي 5 لک انساني آبادي جي روزگار جو وسيلو آھي، هنن چيو ته سڌريل قومون پنهنجن تاريخي ۽ تهذيبي ورثن تي اوچي ڳاٽ فخر ڪنديون آھن ۽ اسانجا حڪمران اهڙن ورثن کي نيلام ڪري رهيا آھن، هنن چيو ته پ پ پ سرڪار هڪ ڪمرشل ڪمپني بڻجي وئي آھي ۽ مقامي چونڊيل نمائندا وسيلا وڪڻڻ لاءِ سيلز مين بڻيل آھن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ناهي، فطرت دشمن قوتن سان فيصلائتي ويڙھ ڪئي ويندي ۽ مقامي چونڊيل نمائندن جو گهيراءُ ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪارونجهر جبل جي پٿر جون جاري ڪيل ليزون رد ڪري جبل کي محفوظ بڻايو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪارونجهر کان مٺي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو.