مٺي: عدالت فيصلي ۾ سمورن ادارن، آفيسرن  ۽ ڪمپنين کي مخاطب ٿي لکيو آهي ته ڪارونجهر کي عام جبل سمجهي رڳو اڏاوتي ڪم جي لاءِ استعمال جي لائق سمجهيو. حڪومت جو ڪو قدم ٿورن ماڻهن کي فائدو ۽ گهڻن کي نقصان ڏئي ته اهو آئين خلاف آهي. ڪارونجهر جي ڪٽائي سان انساني حيات ۽ ماحوليات سان واڳيل هر شي کي نقصان ٿيندو.