ڪارونجهر ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟ … جامي چانڊيو

0
143

 سنڌ حڪومت جي ترجمان شرجيل ميمڻ جو جوابي موقف غلط ۽ دوکو آهي، سڄو ننگر ڪارونجهر جي رينج آهي، جنهن تي ميري اک کي ناپاڪ ۽ بدنيت سمجهون ٿا. سڄي ننگر کي فطري ۽ ثقافتي ورثو قرار ڏئي قانونسازي ڪئي وڃي.

                         رپورٽون اهي آهن ته اڻ اعلانيل طور ننگر پارڪر جي مختلف ڏورانهن ڳوٺن مان پٿر ڪڍڻ جو مجرماڻو ڌنڌو جاري آهي. ان جو هڪ ئي حل آهي ته سموري ننگر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ جو ايڪٽ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو وڃي ۽ جي مقامي ماڻهو طاقتور ماڻهن جي خوف کان نه ٿا ڪُڇي سگهن ته سنڌ جي وطن دوست ۽ ترقي پسند پارٽين جا مقامي ڪارڪن ان ڏوهه کي سامهون آڻي سگهن ٿا.

                         هن ريجن ۾  مفاد پرست حڪومتن، طاقتور ڌرين ۽ سرمائيدار مفادن جون رهزن اکيون کُتل آهن، اهو معاملو چند ڏينهن جي سوشل ميڊيا مهم سان حتمي طور حل نه ٿيندو. ان لاءِ هڪ ڊگهي مُدي جي ايجنڊا ۽ عوامي تحريڪ جي گهرج آهي، جنهن جي مهنداري وطن دوست ۽ ترقي پسند سياسي جماعتن ۽ سنڌ جي گڏيل شعور کي ڪرڻي پوندي ۽ ان سان سڄي سنڌ جي باشعور ماڻهن کي گڏ بيهڻو پوندو.

حڪومت عوام جي دٻاءَ سبب مجبوري ۾ اهو  ٽينڊر واپس ورتو آهي پر ڪنهن به ذميوار وزير، وڏي وزير يا حڪومتي پارٽي جي سربراهه پاران اهو واضح اعلان نه ڪيو ويو آهي ته سموري ڪارونجهر رينج کي قانونسازي ذريعي فطري ۽ ثقافتي تاريخي ورثي طور محفوظ ڪيو ويندو.

انڪري اهو آواز وڌيڪ منظم انداز ۾ سگهارو ڪرڻ جي گهرج آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ، ترقي پسند پارٽي سميت جن به احتجاجن جا اعلان ڪيا آهن انهن کي پنهنجو سڏ سمجهي  اثرائتو بڻايو وڃي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)