حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد 4 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر سميت ٻين معدني وسيلن جي نيلامي لاءِ 4 آگسٽ وارو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو. بار جي جنرل سيڪريٽري ميان تاج محمد ڪيريو جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ بار ان ڏينهن کي بليڪ ڊي طور ملهائيندي ۽ عدالتي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته شروعاتي طور به انهن ڪارونجهر جي نيلامي کي رد ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ هاڻي ٻيهر ٺهراءُ پاس ڪري وڪيل برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو 4 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائي. بار جي جنرل سيڪريٽري موجب ته پاڪستان بار ڪائونسل، سنڌ بار ڪائونسل، ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن جي بارز کي به اپيل ٿا ڪن ته هي قومي ورثو آهي جنهن جي نيلامي تي هو به گڏيل طور پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين. جنرل سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته زندهه قومون پنهنجي ثقافت کي ڪڏهن به ناهن وسارينديون ۽ هو به پنهنجي قومي ورثي تي ڪنهن کي به ڌاڙي هڻڻ جي اجازت نه ڏيندا ۽ جيڪڏهن کين سپريم ڪورٽ جي ضرورت پئي ته ان جو به دروازو کڙڪايو ويندو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حڪومت پاران سمورا ٽينڊر واپس وٺڻ واري عمل کي مثبت سوچ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي پهرين ئي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها ۽ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اثاثن جي نيلامي نه ٿي ڪري سگهي.