ننگرپارڪر  (ن پ ا) سنڌ جي سونهن ڪارونجهر سان ڇيڙڇاڙ بند نه ٿي ، ڪارونجهر جا قيمتي گرينائيٽ جا پٿر لياري ڊيم جي پيچنگ ۾ استعمال ٿيڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ٺيڪيدار پئسا بچائڻ لاءِ ڄامشورو بدران ڪارونجهر جا پٿر استعمال ڪرڻ لڳو آهي . روزانه سون جي تعداد ۾ پٿرن جا ڇڪڙا ڀري ڊيم تي پهچائڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي . اطلاع تي ڪارونجهر سجاڳ فورم جو اڳواڻ الهرکيو کوسو پوليس سان گڏ ڄاڻايل ڊيم تي پهتو ته ٺيڪيدار غائب ٿي ويو . جڏهن ته پوليس  ٺيڪيدار جي منشي تي ڪارونجهر جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري واپس اچي وئي ٺيڪيدار خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي.  ان ڏس ۾ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي، سول سوسائٽي جي احتجاج ۽ چونڊيل نمائندن جي دعوائن باوجود ڪارونجهر جي ڪٽائي اڄ به جاري آهي نوٽيس وٺي ڪارونجهر بچايو وڃي.