ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ ۾جتي به ماڻھن جا گھر ٻوڏ سبب تباھه  ٿيا،  اُتي سنڌ حڪومت ماڻھن کي گھر ٺاھڻ لاءِ معاوضو ۽ زمين جا مالڪاڻا حق ڏئي رھي آھي، ھي طريقيڪار ايئن ئي ھلندو رھندو، ڀلي ڪھڙي به حڪومت ھُجي، سنڌ حڪومت جيڪو ميڪنزم جوڙيو آھي، اُن کي ڪابه حڪومت بلڊوز ڪري نٿي سگھي، 21 لک گهر ضرور ٺهندا، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ملير ڪينٽ چوڪي نمبر 5 کان نمائش چورنگي تائين اي وي بس جو نئون روٽ شروع ڪيو ويو آھي، ساڳئي ريت پيپلز بس سروس جي کوکراپار کان صدر وايا قائد آباد.  ڪورنگي  ۽ قيوم آباد 35 ڪلوميٽر ڊگھو نئون روٽ آر 12  شروع ڪيو ويو آھي، هن چيو ته چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي نه رڳو سنڌ پرپوري پاڪستان ۾ پنھنجي ڪارڪردگي ڪري حڪومت ٺاھيندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ واري شعبي ۾ عوام کي سبسڊي ڏني آھي، 6 مھينن لاءِ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن جي مد ۾ سبسڊي ڏني وئي آھي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاھدو مجبوري ھُئي، جعلي مينڊيٽ سان ملڪ تي ٿاڦيل ھڪ نااھل شخص ملڪي معيشت کي تباھ ڪيو اهي ، اڳوڻي نااھل وزير اعظم آءِ ايم ايف سان وعدي خلافي ڪئي، جنھن ڪري ملڪي معيشت دُٻاءُ جو شڪار ٿي وئي. ھن چيو ته ڪارونجھر جي اهميت کي ڪنھن به ريت نقصان نه رسايو ويندو، چونڊون ويجھو ڏسي ڪجهه ماڻھو ھاڻي سياست لاءِ نڪرندا، ڪارونجھر جي نالي تي سياست ٿيندي. جن کي خواري نصيب ٿيندي،