اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير شبلي فراز وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو، شبلي فراز چيو آهي ته ڪابينا ۾ اليڪشن ڪميشن جي فنڊنگ روڪڻ جو ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فنڊنگ روڪن جو معاملو ڪابينا ۾ ڪجهه وزيرن ان وقت ڊسڪس ڪيو، جڏهن وزيراعظم نماز پڙهڻ ويو هو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، حڪومت جو ڪم آهي ته اليڪشن سميت هر آئيني اداري کي فرض جي ادائگي ۾ سهولتون ۽ ماحول فراهم ڪري. ان موقعي تي نواز ليگ جي اڳواڻ محمد زبير تنقيد ڪندي چيو ته هي انتهائي سنجيده معاملو آهي ته وزيراعظم جي غيرموجودگي ۾ ڪابينا فيصلا ڪري ڇڏي ۽ وزيراعظم کي خبر به نه هجي. هن چيو ته فواد چوڌري اجلاس کانپوءِ اچي ٻڌايو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون نه ڪرايون ويون ته اليڪشن ڪميشن جا فنڊ روڪيا ويندا.