نئين دهلي (م ڊ) طالبان طرفان ڪابل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي حڪومت کي پاڪستان جي حملي جو خوف ورائي ويو. افغانستان ۾ طالبان ڪابل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ 20 سالن جي جنگ جي خاتمي جو اعلان ڪندي ملڪ ۾ جلد ئي نئين اسلامي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جنهن تي ڀارت گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سبرا مينيئن سوامي پنهنجي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته طالبان جي مدد سان پاڪستان ۽ چين ڀارت تي حملو ڪري سگهن ٿا. هن ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته طالبان جا صوبائي ڪمانڊر شدت پسندي جاري کندا، ٻٽي پاليسي سان اهي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ کانپوءِ طالبان پاڪستان ۽ چين سان گڏجي ڀارت تي حملو ڪندا.