سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو نائين ڪلاس جي شاگرد سان 4 ڄڻن جي مبينا بدفعلي، جوابدار شاگرد کي 14 ڏينھن تائين بليڪ ميل ڪري ويڊيو شوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي،  وارثن جو احتجاجي مظاھرو، ھڪ جوابدار گرفتار، خبر موجب کڏڙو ۾ صحت کاتي جي رٽائر ملازم مني لال ميگھواڙ جي 16 سالا پٽ 9 ڪلاس جي شاگرد ڌنراج عرف ڪرن ڪمار  ميگھواڙ کي 4 جوابدارن مينهن جي واڙي ۾ وٺي وڃي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو، وارثن موجب جوابدار شاگرد کي 14 ڏينھن تائين بليڪ ميل ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ شاگرد جي ڪپڙن کان آجي حالت ۾ رڪارڊ ڪيل ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، هوڏانهن وارثن کڏڙو ٿاڻي تي پھچي اطلاع ڪيو، جنھن بعد پوليس ھڪ جوابدار وڪي ڪمار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي وارثن واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي صحافي اشوڪ ڪمار چيو ته سندس ڀائيٽي کي بدفعلي جو نشانو بڻائي ظلم ڪيو ويو آھي، پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، وارثن مطالبو ڪيو ته سمورا جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ھوڏانھن پوليس موجب گرفتار جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪندي ساٿين بابت پڻ نشاندهي ڪئي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.