کپرو (ن پ ا) اڳوڻي تعلقه ناظم ۽ حر جماعت جي اهم اڳواڻ حاجي خدا بخش درس جي قتل ۾ ملوث 4 جوابدارن کي کاهي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ بيچيني ڦهليل آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس 5 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا به اثرائتي ڪارروائي ناهي ڪئي، هوڏانهن قانون کي چيلنج ڪندي مري برادري جي ماڻهن هڪ وڌيڪ جشن  ملهائيندي درس برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل آيو عرف علي نواز مري جي ننڍي پٽ  کي پڳ ٻڌرائي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته مري برادري جي ٻن ماڻھن هٿيار کڻي وڊيو بيان ڏيندي قبيلائي تڪرار کي ڀڙڪائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جن خلاف قانون هن وقت تائين حرڪت ۾ ناهي آيو.