کپرو (ن پ ا) کپرو پوليس ڳوٺ سوڍو جوڻيجو جي زمين تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل ڀيل برادري جي 29 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، آزاد ڪرايل هارين ۾ گڏي، چين، ٽيڪم، تيجا، گڻيش، عيدو، عثمان، راڻي، موهن، سومل، سوڍو، سليمان، ميرگا، ڪيڪو، چيتن، ڪملي، ڪرشن، منٺار، خميسو، ڏاڙهو، ڄيٺو، نور چند، ڏيارام، ڀارتي، رائچند، ديوا، ثمينا ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس هارين کي عدالت ۾  پيش ڪيو، عدالت هارين کي بيان ٻڌڻ بعد پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،