حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل ڳولڻ واري عمل کي غير آئيني ۽ غير قانوني  قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ موجود وائلڊ لائيف کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ اهڙي ڪا به سرگرمي نه ڪئي وڃي جنهن سان وائلڊ لائيف کي ڪو نقصان پهچي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي اڳواڻ ماھنور ملاح ۽ ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسمبر 2021ع ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين مان تيل جي لاءِ کوٽائي ۽ گهر ٺاهڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. ان جي باوجود پاڪستان آئل فيلڊ لميٽيڊ ڪمپني جون ڳريون مشينون آڻي تيل جي ڳولا شروع ڪئي وئي. سنڌ حڪومت ٻيٽن جيان کيرٿر نيشنل پارڪ تي قبضي لاءِ به وفاقي حڪومت جي سهولتڪار بڻيل آهي. وزير اعلي سنڌ کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ تيل جي ڳولا لاءِ 6 مهينا اڳ لڪ ڇپ ۾ اين او سي جاري ڪري اهو ثابت ڪيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ وارا سنڌ مخالف منصوبن تي عمل لاءِ پاڻ ۾ گڏ بيٺل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جهنگلي جيوت جي قتل عام وارا منصوبا ختم ڪري جهنگلي جيوت، تمر جي ٻيلن ۽ آبي جيوت کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.