کوسڪي (ن پ ا) کوسڪي پوليس ڪارروائي ڪري 5 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او کوسڪي مولچند ميگھواڙ موجب ڳجھي اطلاع تي شادي لارج باءِ پاس تي چيڪنگ دوران ڪارروائي ڪري منشيات فروش موٽر سائيڪل سوار عبدالغفار احمداڻي کي 5 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار خلاف کوسڪي ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.