کوسڪي (ن پ ا) کوسڪي شهر ۾ پن سان ڀريل موٽرسائيڪل رڪشا کي باهه لڳي وئي، رڪشو سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب کوسڪي شھر ۾ شادي لارج جي رھواسي محمد حسين پاڙھو جي رڪشا کي وڇ شهر اوچتو باهه لڳي وئي. پورهيت ڪکاون گهرن کي ڇانئڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پن وڍي رڪشا ۾ کڻي وڃي رهيو هو ته باهه لڳي وئي ۽ ھڪ لک رپين جو رڪشو ڏسندي ئي ڏسندي سڙي رک ٿي ويو. پورهيت محمد حسين ضلعي انتظاميا ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مالي مدد ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، جيئن هو ٻچن جو روزگار ڪري سگهي.